تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

اڏامون بند، پي آءِ اي کي 4 ارب جو نقصان ٿيو آهي: غلام سرور خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هوا بازي جي وفاقي وزير غلام سرور خان ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب پي آءِ اي کي هن وقت تائين 4 ارب رپين جو نقصان ٿي وڃڻ، جڏهن ته مارچ جي ختم ٿيڻ تائين پي آءِ اي جو نقصان وڌي 6 ارب رپين تي پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف جاري ڪيل بيان ۾ هن ڪيو آهي، وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته دنيا ۾ هوا بازي جي صنعت کي ڪورونا وائرس سبب بي پناهه نقصان ٿي رهيو آهي، پي آءِ اي کي هن وقت تائين 4 ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، جيڪو نقصان مارچ جي ختم ڪرڻ تائين وڌيڪ 6 ارب رپين تي پهچڻ جو امڪان آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي سعودي عرب ۾ ڦاٿل 8 هزار 824 عمري تي ويل شهرين کي وطن آڻڻ لاءِ 27 خصوصي پروازن جو بندوبست ڪيو، جڏهن ته دوحا کان 40، دبئي ۽ ابوطهبي کان 100 جي قريب پاڪستانين کي خصوصي پروازن ذريعي به آندو ويو.

Bookmark the permalink.