تازا ترين
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

”اڄ ويلنٽائين ڊي آهي“: سپريم ڪورٽ ۾ محبتن جي ڏهاڙي جو ذڪر: ججز مُسڪرائي ڏنو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ۾ ڪيس تي ٻڌڻيءَ دوران محبتن جي ڏهاڙي جو ذڪر ٿيو ۽ جسٽس مشير عالم جي ريمارڪس تي بئنچ ۾ شامل ٻن ججز به مُسڪرائي ڏنو. سُپريم ڪورٽ ۾ وڪيل رشيد اي رضوي جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران ويلنٽائين ڊي جو ذڪر ٿيو. جسٽس مشير عالم وڪيل رشيد اي رضوي سان مخاطب ٿيو ۽ مُسڪرائيندي چيو ته اڄ ويلنٽائين ڊي (محبتن جو ڏهاڙو) آهي. اڄوڪي ڏينهن وڪيلن ۽ ججز جو پاڻ ۾ سهڪار سٺو هجڻ گهرجي. جسٽس مشير عالم جي اهڙن ريمارڪس تي بئنچ ۾ شامل جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس منصور علي شاهه به مسُڪرائي ڏنو. عدالت فوجداري ڪيس ۾ رشيد اي رصوي جي ٻيو ڀيرو داخل ڪرايل نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.