تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

اڃان تائين شادي نه ٿي، هاڻي اڪيلي ئي خوش آهيان: ايما واٽسن

30 سالن جي ٿيڻ تي ضروري ناهي ته اوهان شادي شده هجو يا مالي طور تي مستحڪم هجو

لنڊن (شوبز نيوز) هيري پوٽر سيريز ذريعي شهرت ماڻيندڙ مشهور هالي ووڊ اداڪارا ايما واٽسن جو چوڻ آهي ته 30 سالن جي ٿيڻ تي ضروري ناهي ته اوهان شادي شده هجو يا مالي طور تي مستحڪم هجو. برطانوي خابرو اداري موجب هالي ووڊ اداڪارا ايما واٽسن چيو آهي ته هو پنهنجي 30هين سالگرهه کان اڳ ذاتي زندگي جي حوالي سان دٻاءُ سبب پريشاني ۽ بي چيني کي منهن ڏئي رهي آهي. ايما واٽسن 29 ورهين جي آهي ۽ ايندڙ سال اپريل ۾ 30 سالن جي ٿي ويندي. ايما چيو ته 30 سالن جي ٿيڻ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي خدشا آهن ۽ پاڻ کان پڇندي آهيان ته اوهان کي هن عمر تائين ڇا ڇا حاصل ڪري وٺڻ گهرجي ها. هڪ انٽرويو دوران ايما چيو ته جيڪڏهن 30 ورهين تائين اوهان جي شادي ناهي ٿي ته اوهان جا ٻار به نه ٿيندا ۽ اهو سوچي پريشاني ۽ بي چيني وڌي ويندي آهي. هوڏانهن ايما اهو به چيو ته هو پنهنجي زندگي ۾ اڪيلي ئي خوش آهي ۽ پنهنجي ساٿي به پاڻ آهي. ايما پنهنجي زندگي بابت وڌيڪ چيو ته هو ماضي ۾ ڪڏهن ان ڳالهه تي يقين نه ڪندي هئي ته زندگي ۾ اوهان اڪيلا خوش رهي سگهو ٿا. مان اڪثر سوچيندي هيس ته هر ڪوئي 30هين سالگرهه تي ايترو جشن ملهائيندو آهي اها ڪا وڏي ڳالهه ته ناهي. پر جڏهن اوهان 30 ورهين جي ويجهو اچو ٿا ۽ پنهنجو گهر ناهي ٺاهيو، اوهان جو مڙس ناهي، اولاد ناهي ۽ مالي طور تي مستحڪم به نه آهيو ته اهو سوچي بي چيني وڌي ويندي آهي پر مونکي لڳي ٿو ته هاڻي مان اڪيلي ئي خوش آهيان. واضح رهي ته ايما واٽسن گڏيل قومن جي عورتن لاءِ خير سگالي سفير آهي ۽ “هي فارشي” نالي مهم جو حصو به رهي چڪي آهي جنهن ۾ عالمي صنفي اڻ برابري لاءِ آواز اٿاريو ويو هو.

Bookmark the permalink.