تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

بلاول ڀٽو، فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ رهبر ڪميٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ

آزادي مارچ دوران ڪنٽينر جي ٽڪر ۾ هڪ شهري فوت ٿيو: ڪيس لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلاول ڀٽو، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ رهبر ڪميٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. اپوزيشن جي آزادي مارچ دوران ڪنٽينر جي ٽڪر ۾ هڪ شهري عثمان جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. جسٽس محسن اختر ڪياني راولپنڊي واسي اڪرم چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي حوالي سان فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. درخواستگذار چيو ته 6 نومبر تي نائينٿ اوينيو ۾ سندس پٽ ڪنٽينر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو، رات جو اسٽريٽ لائيٽس بند ٿيڻ سبب سندس پُٽ سان حادثو پيش آيو. درخواستگذار چيو ته پُٽ جي فوت ٿيڻ جا ذميوار آزادي مارچ ۽ اسلام آباد جي انتظاميا آهي. درخواستگذار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، حاصل بزنجو، اسلام آباد انتظاميا ۽ رهبر ڪميٽي جي ميمبرز کي ڌُر بڻائيندي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.