تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اپوزيشن وارن مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ته ڊڄن ڇو ٿا:وزيراعظم

مخالف ڌر سان ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر ڪرپشن تي هرگز نه ڪنداسين: عمران خان

سلام آباد ( بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سمورِي اپوزيشن خراب ناهي پر اڄ اپوزيشن اڳواڻن لاءِ منهنجي راءِ مضبوط ٿي وئي. اپوزيشن پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون، اپوزيشن وارن مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ته پوءِ کين ڇا جو ڊپ آهي؟ عمران خان چيو ته اپوزيشن اڳواڻن ۽ ملڪ جا مفاد هڪٻئي جَي ابتڙ آهن، ايف اَي ٽي ايف جِي گِري لسٽ اسان کي وراثت ۾ ملِي، جنهن مان نڪرڻ ملڪ جَي مفاد آهي. عمران خان چيو ته اميد هئي ته اڄ اپوزيشن ڪورونا کي منهن ڏيڻ تي حڪومت جِي واکاڻ ڪندي ۽ ٿورا مڃيندِي، ڊبليو ايڇ او دنيا کي چوي ٿي ته پاڪستان کان سِکو، اهڙو قانون آڻڻ چاهيون ٿا. جنهن سان ٻارن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي، ريپ جَي ڏوهارين جِي ڊيٽا ٺاهينداسين وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر سان ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر اپوزيشن سان ڪرپشن تي ڪڏهن به سهڪار نه ڪنداسين.

Bookmark the permalink.