تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اپوزيشن رات جو 3 وڳي به تنظيم سازي ڪري، هاڻي ڪجهه نه ٿيندو: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن جيڪو وڻي ڪري، چاهي رات جو 3 وڳي تنظيم سازي ڪري هاڻي ڪجهه ٿيڻ وارو ناهي، طلال چوڌري واري واقعي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته فيصل آباد ۾ تنظيم سازي عروج تي آهي، ٽوئيٽ ۾ شبلي فراز چيو ته ڪورونا وبا جي حوالي سان اپوزيشن جي الزامن ۽ خدشن کي وقت ثابت ڪيو آهي. ڪورونا کان وٺي عام ماڻهن جي صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي بحالي تائين حڪومتي پاليسين جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، هن چيو ته ڏکين حالتن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکارڻ عمران خان جي حقيقي سڃاڻپ آهي، هوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي پارٽي جا پنهنجا ماڻهو سندس بيانيي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ادارن خلاف بيان بعد نواز ليگ جا ماڻهو اسان سان رابطي ۾ آهن، هن چيو ته نواز شريف کي عدالتن کي جواب ڏيڻو پوندو، هن غلط رستو اختيار ڪيو آهي، نواز شريف جو مقصد حڪومت، ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻي رليف حاصل ڪرڻ آهي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان گهٻرائڻ وارو ناهي، اين آر نه ڏيندو، اپوزيشن همٿ ڪري استعيفائون ڏئي فوري طور ضمني چونڊون ڪرائينداسين.

Bookmark the permalink.