تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اپوزيشن جي مخالفت باوجود ڪل ڀوشن کي سزا خلاف اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي سزا خلاف درخواست ۽ نظرثاني جي اپيل ڪرڻ جو حق ڏيڻ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس ۾ 17 سيپٽمبر 2020 کان وڌيڪ 120 ڏينهن جي واڌ جي لاءِ قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ڇڏي، جنهن جي اپوزيشن پارٽين مخالفت ڪئي تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل وقف پراپرٽيز ايڪٽ 2020، ۽ مني لاڊرنگ خلاف قانون ۾ ٻئي ترميم جي بل 2020 کي سينيٽ پاران رد ڪرڻ بعد ٻنهي بلن جي حتمي منظوري لاءِ گڏيل پارليامينٽ ڏانهن اماڻڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته قانون وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ملڪه بخاري گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي سزا خلاف اپيل ۽ نظرثاني جي درخواست ڏيڻ جو حق ڏيڻ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس 2020 جي مدت ۾ 17 سيپٽمبر کان وڌيڪ 120 ڏينهن جي واڌ ڪرڻ لاءِ قرارد منظوري لاءِ پيش ڪئي جنهن جي مخالف ڌر پاران مخالفت ڪئي وئي جنهن بعد قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پارلياماني مامرن جي صلاحڪار ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ان بل کي ڪاميٽي ۾ نه موڪلڻ ۽ سڌي ريت قومي اسيمبلي مان منظور ڪرڻ لاءِ رولز معطل ڪري منظوري ڏيڻ جي به رٿ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري بل منظور ڪيو ويو، بل تحت ڪو آپريٽو سوسائٽي جو ڪو ڊائريڪٽر، آفيسر، ميمبر يا ملازم ڏوه جو مرتڪب ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال ۽ وڌ ۾ وڌ پنجن سالن تائين سزا سان گڏ 20 لک جي ڏنڊ جي به سزا ڏئي سگهبي، اهڙي ريت قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسٽيٽ بينڪ جي ملڪي معيشت بابت سال 2019-20 بابت رپورٽ، جڏهن ته بين الصوبائي رابطن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا سي سي آءِ جي اجلاسن بابت سال 2017-18، سال 2018-19،سال 2019-20 جي رپورٽ پيش ڪئي، پيش ڪيل رپورٽ ۾ موجوده حڪومت ۾ آئين تحت سي سي آءِ جا اجلاس طلب نه ڪري سگهڻ جي ناڪامي جو اعتراف ڪيو ويو آھي، آئين تحت نوي ڏينهن ۾ سي سي آءِ جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ اجلاس طلب ڪرڻ ضروري آھي، سال 2018-19 جي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو آھي ته ان سال سي سي آءِ جا رڳو ٻه اجلاس ٿي سگهيا جن دوران سنڌ صوبي جي رڳو هڪ سمري تي غور ٿيو جڏهن ته ختم ٿيل مالي سال 2019-20 جي سي سي آءِ بابت رپورٽ ۾ اعتراف ڪندي سال ۾ رڳو هڪ اجلاس ڪري سگهڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ٻن سمرين ايف بي آر پاران غير آئيني ڪٽوتين ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ جي ارسا پاران ڏنل منظوري جو مامرو شامل آھي بين الصوبائي رابطن جي وفاقي وزير فهميده مرزا چيو ته اسان پراڻن سالن جي رپورٽن سان گڏ تازو مڪمل ٿيل مالي سال بابت به سي سي آءِ جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي آھي ، ڄاڻ تائين رسائي جي قانون تحت معلومات تائين رسائي بابت سالياني رپورٽ به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.