تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم طرفان گجرانوالا کانپوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پاور شو جون تياريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم طرفان گجرانوالا کانپوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پاور شو جون تياريون، ڪراچي جي جناح گرائونڊ تي سڀاڻي رٿيل جلسي لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، گرائونڊ تي هزارين ماڻهن لاءِ ڪرسيون رکيون ويون، اپوزيشن جي قيادت لاءِ پنڊال به تيار، پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو آهي ته سڀاڻي سڄو ڪراچي جلسي ۾ تبديل ٿي ويندو، جعلي حڪمرانن کي واضح پيغام ڏينداسين ته عوام توهان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ سڀاڻي رٿيل جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان خطاب ڪرڻ جا امڪان آهي.

Bookmark the permalink.