تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اي پي سي ۾ شهبازشريف وفد جي صورت ۾ شرڪت ڪندو، مريم نواز نه ويندي: ذريعا

لاهور (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ نواز جي صدر شهبازشريف جي قيادت ۾ وفد اپوزيشن جماعتن جي 20 سيپٽمبر تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز اي پي سي ۾ نه ويندي، پارٽي صدر شهبازشريف جي سربراهي ۾ 7 رڪني اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪدو، جن ۾ شاهد خاقان عباسي، خواجا آصف، اياز صادق، احسن اقبال، مريم اورنگزيب ۽ امير مقام شامل آهن.

Bookmark the permalink.