تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

اي ايس آءِ لاءِ ٽيسٽ پاس اُميدوارن کي نوڪريون نه ملڻ وارو مامرو: چيئرمين ايس پي ايس سي ۽ چيف سيڪريٽري عدالت طلب

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس 18 اُميدوارن کي آرڊرز نه مليا: درخواستگذار

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيسز جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس آءِ اي جي عهدي لاءِ ڪميشن ٽيسٽ پاس اُميدوارن کي آرڊرز نه ملڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري سوڌو واڳيل اختيارين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اي ايس آءِ جي عهدي لاءِ امتحان پاس اُميدوارن کي آرڊر نه ملڻ واري مامري تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس پي ايس ايس جي چيئرمين ۽ سنڌ سرڪار کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. چيئرمين ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کان جواب طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ پوليس ۾ اي ايس آءِ جي پوسٽ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 18 اُميدوارن امتحان پاس ڪيو، اُن باوجود ميرٽ بدران من پسند ماڻهن کي نوڪرين جا آرڊرز ڏنا ويا آهن.

Bookmark the permalink.