تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل کي هٽايو ويو، ميرپورخاص ۽ سکر جا ڊي آءِ جيز به تبديل

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ کي ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد جي واڌو چارج ڏني وئي، اهڙي ريت ڊي آءِ جي ميرپورخاص ثاقب اسماعيل ميمڻ کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته سي پي او ۾ ڊي آءِ جي فنانس ذوالفقار علي لاڙڪ کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي ميرپورخاص لڳايو ويو، نوٽيفڪيشن موجب ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته ڊي آءِ جي ٽي اينڊ ٽي فدا حسين مستوئي کي ڊي آءِ جي سکر مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن آءِ جي سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار کي به هٽايو ويو، کيس سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته ڪراچي جي سب ڊويزن ڪياماڙي جي ايس پي محمد عمران خان کي بدلي ڪري ٺٽي جو ايس ايس پي لڳايو ويو آهي.

Bookmark the permalink.