تازا ترين
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ايڊز کان بچاءُ جي عالمي ڏينهن تي مختلف شهرن ۾ جاڳرتا ريليون

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي دنيا جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايڊز کان بچاءُ جي عالمي ڏينهن تي ريليون ڪڍي ماڻهن کي ايڊز کان بچڻ ۽ بيماري کي روڪڻ بابت آگاهي ڏني وئي، ان سلسلي ۾خيرپور ۾ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام، ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي پاران سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين آگاهي واڪ ڪئي وئي. ڪلوئي تعلقي ۾ ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان بي ايچ يو ڪلوئي ۽ بي ايڇ يو کيتلاري ۾ ريليون ڪڍيون ويون. ريلين ۾ شريڪ ڊاڪٽر ماڻهن کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ايچ آءِ وي جو وائرس خطرناڪ آهي ۽ ٻن سالن کان 8 سالن تائين ٽيسٽ ۽ علاج نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ايڊز ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايڊز کان بچاءَ لاءِ هر ماڻهو نئين سرنج جي استعمال، صاف رت ۽ حجم کان نئون بليڊ استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائي

. ايڊز کي روڪڻ لاءِ هر ماڻهو کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين ان موذي مرض کان معاشري کي بچائي سگهجي.

Bookmark the permalink.