تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

اين ڊي ايم اي جي رپورٽ رد: 500 ارب لڳن ته هر ڪورونا مريض ڪروڙ پتي ٿي ويندو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران اين ڊي ايم اي رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي عدالت عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڪورونا جي حوالي سان ايندڙ اربين رپيا ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته حاجي ڪيمپ ۾ قرنطينا دوران ڪيترو خرچ آهي؟ جنهن تي ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد جي جڳهه تي اين ڊي ايم اي جي نمائندي جواب ڏيندي چيو ته حاجي ڪيمپ قرنطينا سينٽر تي 59 ملين رپيا خرچ آيو، چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ قرنطينا سينٽر تي ايترو خرچ ڪيئن اچي سگهي ٿو؟ ڇا قرنطينا سينٽر ٺاهڻ لاءِ نيون عمارتون تعمير ڪيون پيون وڃن؟ اين ڊي ايم اي جي نمائندي وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت جي طرف کان صرف 25 ارب رپيا مليا آهن، چيف جسٽس چيو ته اهي  اربين رپيا ڪيڏانهن ويا، اوهان جي رپورٽ غير تسلي بخش آهي، اسان جي ملڪ جي وسيلن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ ڪٽ ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ڇو نٿو ڪري سگهجي. اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ڪيل خرچن جي تفصيل موجود نه آهي، هڪ مريض مٿان لکين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي، ڪورونا وائرس پاڪستان ۾ ان لاءِ نه آيو آهي ته ڪو به پاڪستان جو پئسو کڻي هليو وڃي، افسوس اهو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ دوران اربين رپيا ٽين جي چادرن تي خرچ ٿي رهيو آهي، قرنطينا سينٽر ۾ بند هڪ مريض مٿان ڇا 25 لک رپيا خرچ ٿي سگهي ٿو؟ اسان سڀني کي خبر آهي ته اسلام آباد ۾ پولن الرجي سبب ڪيترا شهري فوت ٿي وڃن ٿا؟ عدالت ۾ موجود صحت واري سيڪريٽري چيو ته پولن الرجي سبب هڪ سال ۾ اسلام آباد ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي وڃن ٿا، چيف جسٽس چيو ته ڊينگي جو مرض اچي ٿو ته ملڪ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مري وڃن ٿا، سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا جي ٽيسٽ مثبت ۽ نجي اسپتالن ۾ منفي اچي ٿو، جتي پئسو خرچ ٿيڻ گهرجي اتي پئسو خرچ نٿو ٿئي، هن ملڪ جي عوام صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو غلام نه آهي، ماڻهن کي قرنطينه جي نالي تي يرغمال ڇو بڻايو وڃي ٿو.آئين عوام جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪري ٿو، عام شهرين کي آئين تحت مليل تحفظ هيٺ جيڪڏهن حڪومتون تحفظ ۽ سهولتون فراهم ڪن ٿيون ته اهي شهرين مٿان احسان نٿيون ڪن، مون کي افسوس ٿئي ٿو ته صحت واري وزارت ۽ کاتن ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪاريون رڍون موجود آهن، اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ عملي جا دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ڪميشن وارا لاڳاپا هوندا آهن، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته معلوم ٿيو آهي ته راولپنڊي جي هولي فيملي اسپتال مان عام شهرين کي نجي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ڇا ڪئميرا نصب ڪري اسپتالن جي نگراني ڪري سگهجي ٿي، پنجاب جي صحت واري صوبائي سيڪريٽري جواب ڏيندي چيو ته جن اسپتالن ۾ مريضن کي نجي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو اهو عمل ڊاڪٽرن جي غفلت آهي، ان بابت جاچ ڪنداسين، اسپتالن ۾ ڪئميرا جي ذريعي به مانيٽرنگ ڪنداسين، چيف جسٽس چيو ته ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ لاءِ جيتري رقم خرچ ڪئي وئي آهي، ان سان ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تعداد ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ ان جو انگ 600 ٿي چڪو آهي، اين ڊي ايم اي کي ملندڙ 25 ارب رپين کان وڌيڪ به جيڪڏهن 500 ارب رپيا مريض مٿان خرچ ڪيا وڃن ته اهڙي صورتحال ۾ ڪورونا جو هر مريض ڪروڙ پتي ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.