تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن سبب خسارو 10 ارب تي پهتو: فردوس نقوي

ساليانو 14 ارب خرچ ڪندڙ اداري جي ڪا به بيلينس شيٽ ٺاهي ناهي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته پ پ گذريل 12 سالن کان دعويڪندي رهي آهي ته اين آءِ سي وي ڊي بهترين ادارو آهي پر انهي ۾ به وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪالهه انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ ويلفيئر ٽرسٽ جي مدد سان هڪ عمارت تعمير ٿي رهي هئي، جنهن جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي بي قاعدگين ڪري ويلفيئر ٽرسٽ فنڊنگ بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي وڏي وزير توڙي صحت واري وزير کي خبر به آهي، انهي باوجود هنن ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، جڏهن ته آڊٽ رپورٽ مطابق انهي اداري ڏانهن 7 ارب جي بقايا رهيل آهي، جڏهن ته هن وقت انهي جو خسارو 10 ارب تائين پهچي چڪو آهي، 5 مشينون خريد ڪرڻ جو ٽينڊر ڪرائي 12 مشينون خريد ڪيون ويون، هن چيو ته سنڌ سرڪار انهي اداري کي هلائڻ لاءِ ساليانو 14 ارب خرچ ڪري ٿي، جنهن جي ڪا به بيلينس شيٽ ناهي ٺاهي وئي، اداري جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي سربراهه صوبيا 50 لک رپين جي لاڳت سان اداري جي پبلسٽي لاءِ هڪ فلم ٺهرائي وئي، جڏهن ته شهزاد راءِ پاران اهڙي ئي فلم ساڍا چار لک رپين ۾ ٺاهي وئي هئي، اداري ۾ بلڊ ٽيسٽ جو ٺيڪو هڪ اداري کي ڏنل آهي، جيڪو 12 سو رپيا ٽيسٽ جا وٺي ٿو، هن چيو ته اسين ارڙهين ترميم تحت صوبن جي اختيارن جي حمايت ڪريون ٿا، پر اهو به چاهيون ٿا ته تعليم . صحت ۽ پورهيتن بابت پاليسي جا اختيار وفاق وٽ هجن. ان موقعي تي ڊاڪٽر سيما ضياءِ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Bookmark the permalink.