تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون هلي رهيون آهن: صوبائي وزير ناصر شاهه پاران تصديق

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شموليت لاءِ ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو سنڌ اندر ايم ڪيو ايم کي اتحادي بڻائڻ جي حوالي سان ساڻس ڳالهيون هلندڙ آهن، هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايم ڪيم ايم کي سرڪار ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٻن وزارتن جي آڇ ڪئي هئي پر مون کيس مشورو ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم کي چار وزارتون ڏنيون وڃن، ناصر شاهه چيو ته اسان جي ڊي اي سميت سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وفاقي سرڪار کي اتحاد هلائڻ نه ٿا اچن، وفاقي سرڪار جي نااهلي سبب ق ليگ، جي ڊي اي سميت ٻيون اتحادي پارٽيون کانئن ناراض آهن، هڪ سول جي جواب ۾ هن چيو ته مونکي نه ٿو لڳي ته سنڌ جو گورنر تبديل ٿي رهيو آهي، مشرف کي سزا ٻڌائيندڙ خاص عدالت کي غيرقانوني قرار ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته مان رڳو ايترو چوندس ته جيڪو آئين ۽ قانون ٽوڙي ان کي سزا ملڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.