تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ايمبولينس نه ملي: ڪڙيو گهنور ۾ حادثي جو زخمي فوت

ڪڙيوگھنور(ن پ ا) ڪڙيو گهنور لڳ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو، موٽر سائيڪل سوار زخمي، ان ڏس ۾ کيبر سم اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل جو  ٽڪر لڳڻ ڪري پيرسن جمعون مھيشوري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار ڀار مل ڪولھي به سخت زخمي ٿي پيو، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  رورل ھيلٿ سينٽر ڪڙيوگھنور آندو ويو، جتي ايمبولينس نه هئڻ ڪري زخمين کي خانگي گاڏي ۾ حيدرآباد سول موڪليو ويو، جتي پيرسن جمعون مھيشوري دم ڏئي ڇڏيو.



Bookmark the permalink.