تازا ترين
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

ايس پي کي گهٽ سزا ڇو؟ لڳي ٿو جعلي ڀرتين کي حڪومتي آشيرواڌ حاصل آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيب کي حيدرآباد پوليس جي ايس پي غلام نبي ڪيريو پاران سنڌ رزرو پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ واري معاملي تي ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ حڪومت جو اپيل اڪلائي ڇڏي. ڪالھه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ويڊيو لنڪ تي سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سبطين رضا پيش ٿيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ان معاملي تي انڪوائري ڪري ملوث آفيسرن کي سزائون ڏنيون آهن، چيف جسٽس چيو ته مرڪزي ڪردار ايس پي غلام نبي ڪيريو کي گهٽ سزا ڇو ڏني وئي؟ جڏهن ته سندس صحيح سان ئي سمورا اپوائنمينٽ ليٽر جاري ٿيا، ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد به ڇا هُو هن وقت نوڪري ڪري رهيو آهي؟ ڇا هو جيل ۾ آهي؟ جنهن تي جواب ڏيندي سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ساڳئي ڪيس ۾ نيب غلام نبي ڪيريو کي گرفتار ڪيو آهي پر گهٽ سزا هئڻ سبب نوڪري تي بحال ڪيو ويو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعليٰ سنڌ صرف ننڍن آفيسرن کي جبري رٽائر ڪيو، لڳي ٿو غير قانوني ڀرتين واري معاملي ۾ حڪومت جو آشيرواد حاصل آهي جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪاروائي به سياسي اسٽنٽ لڳي ٿي. واضح رهي ته سال 2016ع ۾ سنڌ پوليس جي سربراهه پاران سپريم ڪورٽ جي ٽئي رڪني بينچ آڏو اعتراف ڪيو ويو هو ته پوليس ۾ ٿيل 12 هزار ڀرتين ۾ 5 هزار کان وڌيڪ جعلي يا غيرقانوني ڀرتيون آهن، جنهن بعد عدالت نيب کي سنڌ پوليس ۾ بوگس ڀرتين ۽ فنڊ جي جاچ ڪري مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

Bookmark the permalink.