تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

ايس پيز جون بدليون: سهائي ٽالپر سجاول ۾ مقرر

تنوير عالم اوڍو ايس ايس پي اوڀر ۽ فداجانوري اولهه ٿي ويا

شوڪت کٽياڻ کي وري رزاق آباد سينٽر جو پرنسپال بڻايو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، آءِ جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پوليس ٽريننگ سينٽر رزاق آباد جي پرنسپال تنوير عالم اوڍو کي بدلي ڪري ايس ايس پي اوڀر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ايس ايس پي (اي وي سي سي) فدا حسين جانوري کي بدلي ڪري اولهه ڪراچي جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو، جتان شوڪت علي کٽياڻ کي بدلي ڪري رزاق آباد سينٽر جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، پوليس سينٽر سعيد آباد جي پرنسپال جي اضافي چارج به سندس حوالي ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي سجاول ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي کي بدلي ڪري سندس خدمتون ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي حوالي ڪيون ويون، جڏهن ته ايس پي ڪلفٽن سهائي عزيز ٽالپر کي بدلي ڪري ايس پي سجاول مقرر ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.