تازا ترين
  • *جهرڪ ڀرسان 7 ٻارن جي سنڌوءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي تي علائقي ۾ سوڳ، فوتي ٻارن جي وارثن سان تعزيت جاري*
  • *تنگواڻي ۾ ڪتن 5 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل، اسپتال منتقل *
  • *پنوعاقل: بشير آباد ۾ ھندو نوجوان اجي ڪمار بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *لاش تعلقه اسپتال منتقل، ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو *
  • *لاڙڪاڻو :گيسٽرو ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، 3 عورتن سميت 10 ڄڻا اسپتال داخل *لاڙڪاڻي ۾ گيسٽرو جي مريضن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي، ڪيترائي مريض علاج هيٺ*
  • *ڳڙهي خيرو ۾ 17 ماڻهن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي *تعلقه اسپتال جي 33 ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا سيمپل ورتا ويا ھئا:انتظاميه *
  • * ڏهرڪي جي خانگي بينڪ مان 73 لک رپيا چوري، ڪيس داخل *بينڪ ۾عيد جي موقعي لاءِ رقم رکي وئي هئي، 21 مئي واري رات چوري ٿي *بينڪ عملي جي چئن ملازمن تي به شڪ ظاهر ڪري ڪيس ۾نالا ڏنا ويا *ڪيس داخل ڪرائڻ ٿاڻي *پهتل سکر جي بينڪ آفيسرن موقف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو*
  • *ڀرياسٽي: روھڙي ڪئنال مان نوجوان جو پٿر سان ٻڌل لاش هٿ *نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ خدابخش جانوري واسي محمد زمان جانوري طور ٿي *محمد زمان ٽن ڏينهن کان گم هو،سندس ذهني توازن درست نه هو: نوجوان جو چاچو *لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، معاملي جي جانچ ڪري رھيا آھيون: پوليس *
  • *اڪري چودڳي جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهتل،آبادگار سخت پريشان *سانجاهو،کنياري،محب شاھ، جاکري،مهر علي انڙسميت مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهتل *ماڪڙ وڻن، فصلن ۽ سبزين کي کائي ناس ڪري ڇڏيو، آبادگارن جا مٿي تي هٿ *

ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار

پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو

جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو

ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ايس يو پي ڪارڪن ۽ دڪاندار قائم سرڪي جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار ربنواز عرف ربو ٻرڙو کي پوليس بلوچستان جي علائقي اوستا محمد ويجهو هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته جوابدار کي پوليس ٺل آڻي ڪار اسٽينڊ کان جلوس جي صورت ۾ شهر وچان پنڌ ٿاڻي تي آندو، جتي کيس لاڪپ ڪيو ويو. ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون هيون، اسان کي پهرين ڪاميابي آھي، رهيل ٻن جوبدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن مک جوابدار جي گرفتاري تي مقتول جي وارثن ۽ جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايچ او ٺل کي گلن جا هار پارايا.

Bookmark the permalink.