تازا ترين
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*
  • *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 42 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو * عالمي وبا جي ڪري معاشي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي:ورلڊ بينڪ *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا متاثر، فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو *

ايس اِي روهڙي ڪئنال “فرمائشي پروگرام” تحت پاڻي ڏيڻ بدران چارج ڇڏي ڏني

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) ”روهڙي ڪئنال جي ماڊولن کي ماپ کان وڌيڪ پاڻي ڏيو نه ته عهدي جي چارج ڇڏيو،“ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير جي حڪم تي 19هين گريڊ جو ايس اي روهڙي ڪئنال چارج ڇڏي هلي ويو، معاملي کان سيڪريٽري آبپاشي بي خبر. رپورٽ موجب سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير سهيل انور سيال روهڙي ڪئنال جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر مختيار ابڙو کي ٽيليفون تي ڏنل حڪم تحت پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏائي ڇڏي آهي. صوبائي وزير جي حڪم کانپوءِ 19هين گريڊ جو آفيسر مختيار ابڙو پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏي گهر روانو ٿي ويو آهي. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري آبپاشي ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج کي جيڪا ڪئنال وائر موڪلي آهي تنهن ۾ روهڙي ڪئنال جي ايس اي ڄاڻايو آهي ته کيس صوبائي وزير آبپاشي ٽيليفون ذريعي حڪم ڏنو هو ته آئون پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏي وڃان ان ڪري سندس حڪم تحت چارج ڇڏي گهر روانو ٿي رهيو آهيان. ڪئنال وائر موجب هن کي صوبائي وزير پاران 20 مارچ تي 5 لڳي 25 منٽن تي ٽيليفون ڪال ذريعي چارج ڇڏڻ جو حڪم ٿيو ۽ هن ساڳئي ڏينهن شام جو 6 بجي پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏي ڏني. آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب لاڳاپيل عدالتن پاران روهڙي ڪئنال مان نڪتل ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس کي درست ڪري ۽ ٻين ڪئنالن جا واٽر ڪورس ٺاهي پوڇڙين ۾ پاڻي پهچائڻ جا حڪم ڏنا ويا هئا جنهن تحت ايس اي روهڙي ڪئنال مختيار ابڙو روهڙي ڪئنال جا واٽر ڪورس ٺاهي پوڇڙين تائين پاڻي پهچائڻ کي يقيني بڻايو هو. ان معاملي تي ڪئنال جي منڍ جا آبادگار ناراض هئا ۽ انهن اهڙي دانهن صوبائي وزير کي پڻ ڏني هئي. ذريعن موجب صوبائي وزير ايس اي روهڙي ڪئنال کي انهن واٽر ڪورسن ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ جون هدايتون ڪيون هيون ۽ انڪار تي کيس فوري طور چارج ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

Bookmark the permalink.