تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ايس ايچ او پير ڳوٺ سميت چئن ڄڻن کي توهين عدالت جو نوٽيس

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي پير جو ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت چئن ڄڻن خلاف توهينِ عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي کين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سيشن جج مشتاق احمد لغاريءَ جي عدالت پير جو ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او، تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ راهوجا جي رهواسي مير عرفان علي، سندس ڀاءُ مير اويس علي ولد مير الهرکيو ٽالپور ۽ مير وقار علي ولد مير ولي محمد ٽالپور خلاف توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.