تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: صوبائي وزير اويس قادر شاهه

شيخ رشيد طرفان 20 مئي کان 30 ٽرينون هلائن جي اعلان تي اويس قادر شاهه جو ردعل

ٽرينون هلائڻ جو فيصلو سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪيو ويو آهي: صوبائي وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد طرفان 20 مئي کان 30 ٽرينون هلائن جي اعلان تي ردعمل ۾ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته ٽرينون هلائڻ جو فيصلو سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪيو ويو آهي ۽ ڏٺو ويندو ته وفاقي وزير پنهنجي ڳالهه تي ڪيترو عمل ڪري ٿو. اويس قادر شاهه چيو ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، هو ٽرينن ذريعي ڪورونا کي دعوت ڏيڻ جا مخالف آهن، ميڊيا کي وٺي ريلوي اسٽيشن تي وينداسين. صوبائي وزير چيو ته هو ٽرينون هلائڻ جا مخالف ناهن، جيڪڏهن اداري کي خسارو ٿي رهيو آهي ته ڇا ان جو ازالو عوام جي جان سان ڪيو. اويس قادر شاهه چيو ته وفاقي وزير شيخ رشيد جي ڳالهين ۾ تضاد آهي ، پوري پاڪستان کي سفر ڪرائڻ چاهي ٿو، ڪراچي ۾ آن لائين ٽڪيٽن جي ذريعي بڪنگ پهرين ئي جاري آهي . ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران ڪافي سيڪٽر کوليا ويا، وفاق ڪجهه معاملن تي سنڌ حڪومت سان مشاورت نٿو ڪري، وزيراعظم صوبن کي ٽرانسپورٽ بابت ايس او پيز ٺاهڻ جو چيو هيو. صوبائي وزير چيو ته انٽرسٽي ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون جاري آهن، انٽرسٽي حڪومت کي ماسڪ فراهم ڪرڻ جو چيو آهي ۽ ٽرانسپورٽ اتحاد حڪومت سان سهڪار لاءِ تيار آهن، سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي بابت ڪا ڳالهه ناهي ٿي .

Bookmark the permalink.