تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ايران فرانسيسي عورت محقق کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

تهران (م ڊ) ايران ۾ ايران ڄائي فرانسيسي عورت محقق کي عدالت 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي، عالمي ميڊيا رپورٽسموجب فاريبا عدل خواهه کي گذريل سال جون مهيني ۾ فرانسيسي ساٿي رولينڊ مارشل سان گڏ گرفتار ڪيو ويو هو، رولينڊ مارشل کي مارچ مهيني ۾ قيدين جي مٽاسٽا تحت آزاد ڪيو ويو هو، جنهن جي بدلي ۾ فرانسيسي حڪومت ايراني انجنيئر جلال روح الله کي آزادي ڏياري هئي، 61ورهين جي فاريبا جي وڪيل سعيد دهقان جو چوڻ آهي ته فاريبا کي 5 سال سزا ايراني سلامتي خلاف سازش ڪرڻ ۽ وڌيڪ هڪ سال رياست خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ تي سزا ٻڌائي وئي.پيرس جي سائنسز پو يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ فاريبا سياسي، سماجي ۽ اينٿروپولوجي جي ماهر آهي، گرفتاري وقت هوءَ افغان، ايراني ۽ عراقي شيعا عالمن جي پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ جاري تحريڪن ۾ عملي ڪردار تي ريسرچ ڪري رهي هئي. جڏهن ته گذريل نومبر مهيني ۾ هن پنهنجي گرفتاري خلاف بک هڙتال به شروع ڪئي هئي جيڪا فيبروري ۾ ختم ڪئي هئي ۽ کيس طبيعت خراب ٿيڻ تي جيل کان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.