تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ايان علي 27 بهارون ماڻي ورتيون، سالگرهه جون تصويرون شيئر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مآڊل ۽ ڳائڻي ايان علي جو چوڻ آهي هو ته اڄ جيڪو ڪجهه به آهي رڳو الله تعاليٰ ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي ڪري آهي اهو ئي سندس ڪاميابي جو راز آهي. گذريل ڏينهن ايان علي پنهنجي 27هين سالگرهه ملهائي جنهن جون تصويرون فوٽو ڪولاج ۾ هن ٽوئٽر تي شيئر ڪيون ۽ پيغام جاري ڪيو. ايان علي طرفان ٽوئٽر تي شيئر ڪيل فوٽو ڪولاج ۾ پنج مختلف قسمن جا ڪيڪ رکيل آهن جڏهن ته ميز جي چوڌاري سالگرهه لاءِ خاص طور تي ڦوڪڻا لڳايا ويا آهن. ماڊل پاڻ کي سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي لکيو ته الحمد الله مان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان رڳو الله تعاليٰ ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي ڪري آهيان اهو ئي منهنجي ڪاميابي جو راز آهي هن سالگرهه جي ڪيڪ بابت ٻڌايو ته اڇي، گولڊن ۽ نيري رنگ جو ڪيڪ گهرڀاتين طرفان آهن جڏهن ته گولڊن ۽ ڪارو ڪيڪ خوبصورت ۽ وڏو آهي اهو ايان علي جي سڀ کان پياري ساهيڙي نيني موڪليو آهي.

Bookmark the permalink.