تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

اوڏيرو لال ۾ ڇهين درجي جي شاگرد سان ٻن جوابدارن پاران مبينا بدفعلي بعد وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو

ايس ايڇ او بااثر جوابدارن سان ٻٽ بڻيل ڪري نينگر جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جا داٻا

وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

اوڏيرولال( ن پ ا) ڳوٺ بهريون جي رهواسي ڇهين ڪلاس جي شاگرد ذاڪر ولد ساجن خاصخيلي سان ٻن ڄڻن شاهنواز درس ۽ عرفان جهيجو پاران بدفعلي جي ڪوشش بعد وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد شاگرد جي وارثن حد جي پوليس کي شڪايت ڪئي. ايس ايڇ او جاويد حيات پنهور معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ لڄالٽ جي ڪوشش هيٺ آيل نينگر جي مائٽن کي پاڻ ۾ ٺاهه ڪرڻ لاءِ داٻا ڏيندي چيو ته ٺاهه نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين ميڊيڪل لا ءِ 50 هزار رپيا جمع ڪرائڻا پوندا. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد عوامي زور تي شاگرد سان بدفعلي ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو. نينگر جي والد موجب سندس پٽ سان مٿي ڄاڻايل جوابدارن ڪريل حرڪت ڪري نينگر جي ويڊيو وائرل ڪيو آهي. هن چيو ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سندن معاشري ۾ شرمندگي پئي ٿي. هن چيو ته ايس ايڇ او اوڏيرولال بااثرن جي وانگار وهي سندن ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري.نينگر جي والد وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته سندس نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزا ڏئي ڪرپٽ ايس ايڇ او خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.