تازا ترين
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

اوٻاوڙي ۾ معذور کي زال بيروزگاري سبب ٻارن سميت ڇڏي وئي

ڏهرڪي(ن پ ا) اوٻاوڙي ۾ معذور کي زال بيروزگاري سبب ٻارن سميت ڇڏي وئي آهي، ان ڏس ۾ ڏهرڪي جي سيميجا مارڪيٽ ۾ موبائلن جي دڪان تي ڊائون لوڊنگ جو ڪم ڪندڙ ٻنهي ڄنگهن کان معذور نوجوان اوٻاوڙو واسي عمران علي ملڪ ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي اکين مان لڙڪ لاڙيندي چيو ته غربت سبب زال ٽن ٻارن سميت ڇڏي هلي ويئي آھي,هن چيو ته ضلع جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلع جي آفيسرن ڏانهن ڪاغذ کڻي ويس ته معذور ڪوٽا ۾ نوڪري ڏيو ته جيئن ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهان پر سڀني آفيسرن ۽ ڪامورن رڳو ٺلها دلاسا ڏنا ,موبائيل مارڪيٽ ۾ ڊائون لوڊنگ جو ڪم ڪندو آھيان ,لاڪ ڊائون دوران تنگ رهيس ۽ گهر ۾ خرچ به پورو نه ڪري سگهيس ٻي مزدوري نه ٿو ڪري سگهان ٻنهي ڄنگهن کان معذور آھيان گهر ۾ فاڪا ڪشي ٿيڻ ڪري زال ٽن ٻارڙن سميت مون کي اڪيلو ڪري ڇڏي هلي ويئي آھي ,هن لڙڪ لاڙيندي چيو ته هڪ ته غربت جو ارمان آھي ٻيو اڌورو آھيان ,وري جڏهن زال ٻارڙن سميت هلي ويئي آھي ته هاڻي چڪنا چور ٿي پيو آھيان ,هن وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته تعليم يافته آھيان مون کي معذور ڪوٽا ۾ نوڪري ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.