تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

اوٻاوڙي ڀرسان پاڻي جي واري تي پيل 2 ڳوٺاڻا اغوا، ڳوٺاڻا پنجاب جي حد مان اغوا ٿيا آهن: پوليس

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان گذريل رات پاڻي جي واري تي ويل ڳوٺ ٻوڙي واسي عظيم ۽ الله رکيو ماڇي سنڌ- پنجاب دنگ تان مبينا اغوا ٿي ويا، وارثن پاران اوٻاوڙو ۽ پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻن تي اطلاع ڏنو ويو، اوٻاوڙو پوليس چيو آهي ته مغوي سنڌ جا رهواسي آهن پر اغوا پنجاب جي حد مان ٿيا آهن، پنجاب پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ڏانهن رواني ٿي وئي.

Bookmark the permalink.