تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ بئنڪ عملي جي مبينا زيادتين خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو *بئنڪ عملو ايجنٽس ذريعي پگهارن مان 3 کان 4سئو روپيا ڪٽوتي رشوت وٺن ٿا: مظاهرين *
  • *موهن جو دڙو ويجهو گرمي جي سٽ نه سهندي پورهيت فوت ٿي ويو *ڳوٺ انب پور واسي 35ورهين جو نياز علي جوڳي گرمي سبب فوت ٿي ويو *نياز علي گهر ۾ ويٺو هو، اوچتو گرمي جون دانهون ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو: وارث *
  • *دوڙ ۾ 11 عورتن سميت وڌيڪ 18ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 86 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن *
  • *دادو مان شاگرد ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم *نائين ڪلاس جو شاگرد مير ماجد پنهور ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڳولا باوجود ڏس پتو نه پيو *خميس جي ڏينهن کان ڀاءُ گم آهي: خالد پنهور *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ٻيهر ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا *تازو برسات کانپوءِ ڦٽل گاهه ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو، ڏڪار متاثر ماروئڙا پريشان *
  • *حيدرآباد: احساس ڪفالت پروگرام جي رقم سينٽر بدران فصل ۾ ڏيڻ وارو معاملو، عملدارن نوٽيس ورتو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ احساس پروگرام جي عملدارن نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم جاري *هوسڙي ۾ قائم سينٽر جي ايجنٽ 1000 رپيا ڪٽوتي ڪري مستحق ماڻهن کي رقم ڏني *
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

اوٻاوڙو ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري سوا مهيني کانپوءِ اغوا: ايس ايس پي گهوٽڪي کي نوٽيسز: ناري کي بازياب ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

نصرت انڍڙ جو مڙس زال جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پهتو، ساهرن تي اغوا جو الزام

سکر (بيورو رپورٽ) سوا مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ اوٻاوڙو واسڻ ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي. سندس مڙس هاءِ ڪورٽ سکر پهچي ويو. عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي 29 نومبر تي ڇوڪريءَ کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڇڏيو آهي. اوٻاوڙو جي ڳوٺ الهداد انڍڙ واسي نوجوان عبدالغفور انڍڙ وڪيل ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو ته 30 سيپٽمبر تي هُن نصرت ڌيءُ صالح انڍڻ سان سکر جي عدالت ۾ شادي ڪئي، 4 نومبر تي ساهُرن زال کي اغوا ڪري پنجاب جي هڪ بااثر وڏيري وٽ قيد ڪرائي ڇڏيو آهي.
درخواستگذار نوجوان خدشو ظاهر ڪيو ته سندس زال کي اُتي قتل ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ جو تر جي بااثر وڏيري جرڳي ذريعي سندس زال کي ڪاري قرار ڏنو ۽ 25 لک رُپيا ڏنڊ سوڌو سڱ چٽيءَ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي. نوجوان عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس زال کي بازياب ڪرائي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
عدالت نوجوان جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ کنڀڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ناري نصرت انڍڙ کي بازياب ڪرائي 29 نومبر تي عدالت آڏو پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.

Bookmark the permalink.