تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اوٻاوڙو ڀرسان پسند پرڻي لاءِ فرار ٿيل نوجوان کي عورت جي اڳوڻي مڙس ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

ٻه مهينا اڳ عاشق کوکر حسينا کي اغوا ڪري ويو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو: پوليس

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان پسند پرڻي لاءِ فرار ٿيل نوجوان کي عورت جي اڳوڻي مڙس ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان عورت کي اغوا ڪري ويو هو، جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو آهي. مريد شاخ لنڪ روڊ تي جوابدار رڪشا کي روڪي عاشق کوکر نالي شخص کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. مقتول جو لاش تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو، جتي سندس ڀيڻ ٻڌايو ته عاشق کي عورت حسينا جي اڳوڻي مڙس علي حسن قتل ڪيو آهي، جيڪا سندس ڀاءُ وٽ ٻن مهينن کان ترسيل هئي. هن چيو ته عاشق کوکر حسينا کي پسند پرڻي لاءِ وٺي آيو هو، ڀاءُ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ جوابدار پنهنجي اڳوڻي گهرواري کي به اغوا ڪري ويو آهي. ٻئي طرف کنڀڙا پوليس جو چوڻ آهي ته ٻه مهينا اڳ عاشق کوکر حسينا کي اغوا ڪري ويو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو.

Bookmark the permalink.