تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

اوٻاوڙو ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ زخمي

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو پير عزيز ڪرماني وٽ نيشنل ھاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو موٽر سائيڪل سوار شديد زخمي ٿي پيو خبر موجب زخمي احسان علي بوزدار پٽ جنگل صادق آباد کان پنھنجي گھر مير پور ماٿيلي طرف اچي رھيو ھيو ته ٽرڪ جي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، زخمي موٽرسائيڪل سوار کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو ويو جنھن کي طبي امداد ڏني وئي ھوڏانهن ٽرڪ ڊائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ٽرڪ کي پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

Bookmark the permalink.