تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

اوٻاوڙو ڀرسان عورت جي قتل ڪيس جو 22 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو: ڏوهاري کي عمر قيد جي سزا

گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ڪيس تي ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪيو

1997ع ۾ جوابدار ڪيهر جوڻو مسمات هملي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ 22 سالن کانپوءِ عورت جي قتل جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جج طارق ڀٽي جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ 22 سال اڳ قتل ٿيل عورت هملي جوڻو قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي، جوابدار، فريادي ۽ سرڪاري وڪيل غلام نبي سمائر عدالت پيش ٿيا، وڪيلن دليل مڪمل ڪيا، عدالت عورت هملي جوڻو جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڪيهر جوڻو کي عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد جوابدار ڪيهر جوڻو کي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو، واضح رهي ته سال 1997 ۾ اوٻارڙو ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ڪيهر جوڻو مسمات هملي جوڻو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

Bookmark the permalink.