تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اهڙي ڊيوائيس جيڪا وڃايل اکين جو نور به بحال ڪري سگهي ٿي!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) تازو ماهرن اهڙِ ڊيوائيس تيار ڪئي آهي جيڪا اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي اکين جو نور بحال ڪري سگهي ٿي. آسٽريليا جي موناش يونيورسٽي جي ماهرن هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين ڪم ڪري هن ڊيوائيس کي تيار ڪيو آهي جنهن ۾ اسمارٽ فون اسٽائل جا اليڪٽرونڪس ۽ دماغ ۾ لڳائڻ جوڳا مائيڪرو اليڪٽروڊز لڳايا ويا آهن. هي نظام شروعاتي ڪلينيڪل تحقيق ۾ رڍن تي اثرائتو ٿابت ٿيو ۽ هاڻي محققن انسانن تي پهرئين ٽرائل جي تياري ڪئي آهي. هي نئين ٽيڪنالاجي اکين کي پهچندڙ نقصان کي باءِ پاس ڪري ٿي. هي ڊيوائيس هڪ ڪيمرا طرفان گڏ ڪيل تفصيلن جو تجربو ڪري ٿي ۽ ان کي هڪ وزن پراسيسر يونٽي ۽ ڪاسٽيوم سافٽ ويئر ذريعي وائر ليس طريقي سان دماغ ۾ لڳل ٽائلز تائين پهچائي ٿي. هي ٽائلز تصوير ڊيٽا کي لهرن ۾ تبديل ڪن ٿا.

Bookmark the permalink.