تازا ترين
  • صدر جي ڀٽيون:ڳوٺ بودلي مهيسر ۾ پيءُ پاران ڌيءِ کي مبينا طور جوا ۾ هارائڻ جو انڪشاف*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جوا ۾ هارائڻ بعد نوجوان مرتضي انڙ سان شادي ڪرائي وئي*منهنجي ڀيڻيوي پنهنجي نياڻي کي جوا ۾ هارائي نوجوان مرتضيٰ انڙ سان پرڻائي ڇڏيو:ناري جو مامو*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جلد هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو:پوليس*
  • پي ٽي آءِ وارن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا،ٽن ڏينهن تائين جواب نه ملي سگهيو آهي:بلاول ڀٽو*عمران خان ۽ سندس فرنٽ مين ڪي اليڪٽرڪ جي ڪرپشن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن:بلاول ڀٽو*پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جي ڀيڻ جي ڪرپشن بابت معاملو اٿاريو پر جواب ناهي مليو:بلاول ڀٽو زرداري*عمران خان ۽ سندس وزير بي آر ٽي منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن ۾ ملوث آهن:بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽ*حڪمرانن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا، پر نيب ۽ عدالتون مڪمل خاموش آهن:بلاول ڀٽو زرداري*مون پريس ڪانفرنس ۾ابراج گروپ جي رپورٽ ڏيکاري پر ان جو جواب ناهي مليو:بلاول*
  • *ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي مرڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو *سول اسپتال مٺي ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت *ٿر ۾ هلندڙ مهيني دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 26 ۽ هلندڙ سال505 ٿي ويو*
  • *هالا جي بس اسٽاپ جي علائقي واسين جو حيسڪو زيادتين خلاف احتجاج *هالا: اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جي نه هجڻ تي علائقي واسي ۽ دڪاندار روڊن تي نڪري آيا *حيسڪو خلاف احتجاج ڪندڙن پاران مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيندي روڊ بلاڪ*
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *

اهي ڊراما ڪرڻ چاهيان ٿي جن سان گهريلو تشدد کي هٿي نه ملي: اشنا شاهه

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا اشنا شاهه چيو آهي ته هو اهڙا ڊراما ڪرڻ چاهي ٿي جن ۾ گهريلو تشدد کي هٿي نه ملي. پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه ست سال اڳ ڊراما انڊسٽري ۾ پير رکيو ۽ ان دوران هن ڪيترائي مقبول ڊراما ڪيا جن ۾ بشر مومن، نيلم ڪناري، ٿوڙا سا آسمان، لشڪارا ۽ بلا شامل آهن. اشنا شاهه جي والده عصمت طاهرا به ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪرا رهي چڪي آهي. تازو سندس هڪ نئين ڊرامي ”بنڌي اڪ ڊور سي“ شروع ٿيو آهي جنهن ۾ هو احسن خان ۽ حنا الطاف سان ڪم ڪري رهي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي هن پنهنجي فني سفر جي حوالي سان ڳالهايو آهي. اشنا شاهه جو احسن خان بابت چوڻ هو ته ساڻس هاڻي پڪي دوستي ٿي وئي آهي، هو اداڪار سان گڏوگڏ سٺو انسان به آهي ۽ ساڻس ڪم ڪرڻ جو تجربو بهترين رهيو. اشنا شاهه ان کان اڳ بلا نالي هڪ ڊرامي ۾ ناڪاري ڪردار به ڪيو هو جنهن بابت سندس چوڻ هو ته ناڪاري ڪردار ادا ڪندي اهو ڊپ هوندو آهي ته ڪٿي اوهان تي ان جي ڇاپ نه لڳي وڃي ڇو ته مان شروعات کان ئي هاڪاري ڪردارا دا ڪيا آهن، ان لاءِ مان اهڙي قسم جا ڪندي ڪندي تنگ ٿي پئي هيس، مان هر ڪردار کي ڌار ڌار ڏسان ٿي ان ۾ هاڪاري يا ناڪاري نٿي ڏسان. اشنا شاهه کي ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو شهرت، بشر مومن سان ملي هئي جنهن ۾ هن فيصل قريشي سان ڪم ڪيو هو. ان حوالي سان هن چيو ته شڪر گذار آهيان ڇو ته هو سندس پهريون ميگا سيريل هو. هن واضح ڪيو ته هو پاڻ کي هڪ اداڪارا سمجهي ٿي ۽ ان صنعت ۾ هيروئن بڻجڻ نه آئي هئي، اداڪارا طور سندس ڪم آهي ته هو مختلف قسم جا ڪردار نڀائي ۽ هو ئي ڪرڻ چاهي ٿي ڇو ته کيس ان ۾ مزو ئي تڏهن اچي ٿو. فلمن ۾ آئٽم نمبر بابت اشنا شاهه چيو ته هو ان جي خلاف ناهي، هن چيو ته مان چاهيان ٿي ته جيڪڏهن مان ڪنهن فلم ۾ آئٽم نمبر ڪريان ته اهو سٺو هجي. هن وڌيڪ چيو ته هيل تائين پاڪستان ۾ سٺا ۽ گليمرس آئٽم نمبر ٿي چڪا آهن ته مان پنهنجي پارٽي ڊانس نمبر جي ڀيٽ انهن سان نٿي ڪرڻ چاهيان.

Bookmark the permalink.