تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

اهو ڏينهن پري ناهي جو مسجدن ۾ ٻيهر سڀ گڏجي نماز پڙهندا: مايا علي

اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي فيصل مسجد ۾ ورتل تصوير شيئر ڪري مداحن لاءِ پيغام لکيو

هي تصوير تڏهن جي آهي جڏهن سڀ مسجد ۾ گڏجي نماز پڙهندا هئا ۽ يقين آهي ته اهڙا ڏينهن جلد واپس ايندا

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا مايا علي جو چوڻ آهي ته کيس يقين آهي ته انشاءَالله جلد سڀئي مسلمان گڏجي ٻيهر مسجد ۾ نماز پڙهندا. گذريل ڏينهن پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪارا مايا علي انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي، مايا علي طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ موجود آهي. مايا علي پنهنجي هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هي تصوير ڪجهه ڏينهن اڳ جي آهي جڏهن سڀ مسلمان گڏ مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا. اداڪارا لکيو ته مون کي يقين آهي ته انشاءَالله اهي ڏينهن جلد واپس ايندا جڏهن سڀئي مسلمان گڏجي نماز پڙهندا. هن لکيو ته الله مان اميد رکو ۽ گهٻرايو نه وقت جيڪڏهن اڳ جهڙو ناهي رهيو ته انشاءَالله وقت هي به نه رهندو. مايا علي لکيو ته هي اهو وقت آهي جڏهن اسان کي قوم جي حيثيت سان هڪ ٿيڻو آهي ۽ حڪومت جي قائم ڪيل حڪمن تي عمل ڪرڻو آهي. اداڪارا وڌيڪ لکيو ته مهرباني ڪري پنهنجي صحت لاءِ ۽ ٻين جي زندگين لاءِ پنهنجي گهرن ۾ رهو. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سرڪار سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ گڏجي نماز ادا ڪرڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

Bookmark the permalink.