تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

انڊس ڊيلٽا ۾ وقت سر پاڻي نه پهچڻ سبب پلو ناياب ٿي ويو، هزارين مهاڻا بيروزگار، اباڻا پڊ ڇڏي ويا

کاروڇاڻ مياڻ،موساجي مياڻ، ڍانڍاري پتڻ تائين درياھ جومٺوپاڻي نه پھچڻ ڪري پلومڇي اڻلڀ ٿي وئي

مهاڻن جون ماروسيون مياڻيون، سڄڻ واري،اداسي،ٻاٻيو،ٽڪئي جوڳوٺ ويراني جي ورچڙھي ويون

سجاول /ميرپور ساڪرو: (رپورٽ: رپورٽ مشتاق سعيد ۽ صاحب خان ڪلمتي) انڊس ڊيلٽا وارن علائقن کاروڇاڻ مياڻ، جنگيسر مياڻ، آٿرڪي مياڻ، موسا جي مياڻ، ڍانڍاري پتڻ تي درياھ جو مٺو پاڻي نه پھچڻ ڪري پلو مڇي اڻلڀ ٿي گھٽجي وئي آھي. ھر سال چوٿين مھيني اپريل ۽ مئي وارن آڳاٽن ڏينھن ۾ ھتي ھزارن جي انگ ۾ مھاڻا پلا ماري پنھنجن ٻچن جو گزر ڪندا ھئا پر ھن سال پاڇاٽو پاڻي پھچڻ ڪري پلي جو وڌندڙ نسل مڪمل اڻلڀ آھي. جنھن ڪري مڇي پلي تي گذر ڪندڙ مهاڻا بيروزگار ٿي پنھنجا اباڻا پڊ ڇڏي وسندي وارن علائقن ڏانھن سوين ڪوھ ڏور چوٽياريون ڍيم، ٻٽار ڍنڍ، مکي ڍنڍ، نريڙي ڍنڍ ۽ منڇر ڏانهن لڏي ويا آهن، ڪي وري بلوچستان جي سامونڊي بندر سون مياڻ تي پنھنجا خيما کوڙڻ تي مجبور آهن، جنھن ڪري سندن ماروسيون مياڻيون، ٺاريواري، سڄڻ واري، اداسي، ٻاٻيو، ٽڪئي جو ڳوٺ ويراني جي ور چڙھي، ماضي جو قصو بڻجي ويون. جڏھن ته ان ڏس ۾ ماھيگيري سان رکندڙ احسان ميربحر، اميربخش ميربحر، مبارڪ ڇريجو، عالم گھن، بابو جت، عزيز لوھار، وڪيو لاکو، بابو پاڻتي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اھڙي ڳنڀير صورت حال ۾ به ماھيگير تنظيمن، توڙي سنڌ سرڪار پڻ مھاڻن جي سار ناھي لڌي. ھنن چيو ته اسان سرڪار توڙي ملاحن جي سمورن اتحادن کان مطالبو ٿا ڪريون ته مھاڻن جي بھتري لاء ڪا پاليسي جوڙي سندن حق تسليم ڪري ڊيلٽا وارن سمورن علائقن ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ پلو مڇي کان ويندي سموري آبي جيوت کي بچايو وڃي ۽ لڏي ويل سمورن ملاحن کي واپس گھرائي ملاحن جون ماروسيون مياڻيون ويران ٿيڻ کان بچايون وڃن.

Bookmark the permalink.