تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

انتظاميا ڀلي ڪارروائي ڪري، آگسٽ ۾ في ليٽر 124 رپيا وڪرو ڪيو ويندو: حيدرآباد ۾ ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمز ايسوسيئيشن

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انتظاميا ڀلي ڪارروائي ڪري، هلندڙ مهيني واڙن تي کير في ليٽر 104 رپيا ۽ ڊيرين تي 112 رپيا، جڏهن ته آگسٽ ۾ في ليٽر 124 رپيا وڪرو ڪيو ويندو، حيدرآباد ۾ ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمرز ايسوسيئيشن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 18 مهينن دوران کير ڏيندڙ جانورن چارو 50 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو آهي، کير جا اگهه وڌائڻ مجبوري آهي، ڊپٽي ڪمشنر وٽ گذريل ڏينهن وفد ملڻ لاءِ ويو پر هو ملڻ لاءِ ئي تيار ناهي، انتظاميا قبلو درست ڪري.

Bookmark the permalink.