تازا ترين
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ پوليس کي هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي

پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا؟: سپريم ڪورٽ

جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن (ڊي آءِ جي حيدرآباد)پوليس ڊائري ۾ ڏيکاريو ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇاپا هنيا؟: جسٽس مظاهر نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ پوليس کي هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار، عدالت ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ ڪڍندي چيو ته پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا؟ ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته پوليس ڊائري ۾ ڏيکاريو ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇاپا هنيا؟ ڊي آءِ جي چيو ته رڪارڊ مون وٽ نه آهي، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته رڪارڊ ڇو نه کڻي آيا آهيو؟ ڇا توهان کي دعوت کائڻ لاءِ عدالت گهرايو اٿئون؟ پوليس رپورٽ ۾ رڳو ڪهاڻيون لکيون آهن، توهان اُن کان بچي نٿا سگهو، ٻڌڻي دوران اُم رباب چيو ته جنهن ايس ايڇ او پنهنجي موجودگي ۾ قتل ڪرايا، اُهو عهدي تي بحال ٿي چڪو آهي، پوليس اُن ايس ايڇ او کي جاچ ۾ به شامل ناهي ڪيو، جوابدارن جي سِر جي قيمت به اڃا تائين مقرر ناهي ٿي، عدالت هڪ هفتي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪندي سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.