تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ام رباب جو والد، چاچو ۽ ڏاڏو 17 جنوري 2018ع تي قتل ٿيا* سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو سميت 8 جوابدار ڪيس ۾ نامزد* 2 جوابدار گرفتار، 2 روپوش ۽ 3 جوابدارن ضمانتون ڪرائي ورتيون

ميهڙ(رپورٽ : پاويل جوڻيجو) ميهڙ ۾ 3 ڄڻن جي قتل ٿيڻ واري واقعي کي 2سال 5مهينا 13ڏينهن گذري ويا، سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار احمد چانڊيو ، چاچو رئيس قابل چانڊيو جي قتل واقعي کي قتل ڪيو ويو هو. واقعو 17جنوري 2018ع تي صبح جو سوير ان وقت پيش آيو هو جڏهن ٽئين مقتول رئيس ڪرم الله چانڊيو سندس ٻئي پٽ چانڊيه تمندار ڪائونسل جو چيئرمن رئيس مختيار احمد چانڊيو ،رئيس قابل چانڊيو ،ميهڙ شهر جي احمد علي ڪالوني ۾ فريدآباد روڊ سان واقع پنهنجي گهرن ۽ اوطاق کان صبح جو سوير ٻا هر نڪري روڊ تي بيٺل هيا ته ٻن گاڏين ۾ سوار هٿيار بندن کين گوليون هڻي قتل ڪيو هو فائرنگ ۾ هڪ حملي آور جوابدار غلام قادر عرف قادو چانڊيو پڻ مارجي ويو هو جڏهن ته ٽنهي جي قتل جي ايف آءِ آر 18جنوري 2018ع تي ڪرم الله چانڊيو جي فرزند پرويز چانڊيو جي فرياد تي گناه نمبر 20/2018تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ 8جوابدار غلام مرتضيٰ چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، ذوالفقار علي چانڊيو، سڪندر علي چانڊيو، غلام قادر عرف غلام قادر چانڊيو، عبدالستار چانڊيو، چانڊيه قبيلي جي نواب سردار نواب غيبي سردار احمد چانڊيو سند ڀاءُ نواب برهان خان چانڊيو جا نالا ڏنا ويا. جڏهن ته 8جوابدارن مان واقعي واري ڏينهن هڪ حملي آور جوابدار غلام قادر عرف قادو چانڊيو مارجي ويو هو ، 2جوابدار علي گوهر چانڊيو ،سڪندر علي چانڊيو گرفتار ٿيل آهن ۽ 3جوابدار سردار چانڊيو ، برهان چانڊيو ،عبدالستار چانڊيو سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت تي آزاد آهن، مک 2جوابدار غلام مرتضيٰ چانڊيو ۽ ذوالفقار علي چانڊيو روپوش ٿيل آهن جن کي اڍائي سالن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود ميهڙ پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.