تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

امين اسلم پاران گاڏيون، گهر ۽ ڪاروبار گهرواري جي نالي ظاهر، سردار يار محمد رند 81 ڪروڙن جي اثاثن جو مالڪ

وزيراعظم جي صلاحڪار وٽ 9776.5 ايڪڙ زمين

اسلام آباد: موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار امين اسلم پنهنجي اڪثر ملڪيت گهرواري جي نالي تي ظاهر ڪئي آهي، امين اسلم پنهنجي گهرواري جي نالي تي 50 لک رپين جي سيڙپڪاري شيئرز جي مد ۾ ڪري رکي آهي، ملڪ امين اسلم جي گهرواري جي نالي تي 92
لک رپين جون ٽئي گاڏيون آهن، هڪ لک جا زرعي اوزار ڏيڍ لک رپين جي فرنيچر جو مالڪ آهي، امين اسلم پنهنجي گهرواري جي نالي تي 10 لک 75 هزار رپين جي ملڪيت به ظاهر ڪئي آهي، ان کانسواءِ هڪ ڪروڙ 74 لک 47 لک رپين جو بينڪ بيلنڪ به ظاهر ڪيو آهي، ورثي ۾ کيس 15 ملڪيتون مليل آهن،
وزيراعظم جو صلاحڪار سردار يار محمد رند 81 ڪروڙ 24 لک جي اثاثنجو مالڪ آهي، جڏهن ته 9776.5 ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي، ان کانسواءِ گهرواري ۽ اولاد جي نالي تي ملڪيتون آهن، جڏهن ته ڄامشورو، نوابشاهه، ڪوٽڙي، سيوهڻ، دادو ۽ بلوچستان ۾ سندس زميون آهن.

Bookmark the permalink.