تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

امير هاني جو مدو اڄ ختم: واٽر ڪميشن جي مستقبل جوفيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي

ڪميشن جي سربراهه جي مختلف ضلعن ۽ علائقن جا 267 دورا ڪيا ۽ 117ڏينهن ٻڌڻي ڪئي

واٽر ڪميشن 2016 ۾ قائم ڪئي وئي، پهريون سربراهه جسٽس (ر) اقبال ڪلهوڙو هو
واٽر ڪميشن چيئرمين امير مسلم ھاني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي. هڪ رپورٽ موجب ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ علائقن جا 267 دورا ڪيا ۽ 117ڏينهن ٻڌڻي ڪئي.ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت 1776کان وڌيڪ درخواستون وصول ڪيون.سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پاڻي ڪميشن 2016ع ٺاهيو ويو آهي جنهن جو پهريون سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو هو جنهن بعد هڪ سال اڳ سپريم ڪورٽ جسٽس (ر) امير هاني مسلم کي پاڻي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو جنهن جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي.
واٽر ڪميشن سيوريج جو پاڻي پيئڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ گھري ورتي
جسٽس امير هاني مسلم پاران نيشنل بلڊنگ انيشيٽو اسڪيم جو دورو، رٿا جي ساراهه
ڪميشن جاري رکڻ جو فيصلو سپريم ڪندي، ٽاسڪ فورس جو سربراهه رپورٽون پيش ڪندو: امير مسلم
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڻي ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم سيوريج جي پاڻي کي پيئڻ استعمال جي لائق بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني اندر فزيبلٽي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس (ر) امير هاني مسلم اهڙو حڪم ڪالهه نيشنل بلڊنگ انيشيٽو اسڪيم جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ڏنو. پاڻي ڪميشن جي سربراهه ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ نيشنل بلڊنگ انيشيٽو جي تحت سيوريج جي پاڻي کي گري پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ واري اسڪيم جو معائنو ڪيو ۽ ان جي ساراهه ڪئي سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت به سيوريج جي پاڻي کي استعمال ڪرڻ جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي. ڪميشن سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو هڪ مهيني اندر ڄاڻايل رٿا جوڙي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ۽ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پاڻي ڪميشن کي جاري رکي ته ان جي آڏو پڻ پيش ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڪميشن ڪالهه چيمبر ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ته ڪي ايم سي،ڊي ايم سي، سنڌسالڊويسٽ، ٽريٽمنٽ پلانٽس، اسپتال ۽ ٻين ادارن جي رپورٽس جو جائزو ورتو ويو.ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم چيو ته ڪميشن جاري رکڻ جو فيصلو سپريم ڪندي پر ٽاسڪ فورس جو سربراهه جمال مصظفي سيد سپريم ڪورٽ ۾ سموريون پورٽس پيش ڪندو.ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ان سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت تفصيلي رپورٽ سپريم ڪورٽ کي موڪلي ڇڏي آهي.

Bookmark the permalink.