تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

اميدن جي ابتڙ واقعا به منهنجي حق ۾ بهتر ثابت ٿيا: عائزا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) اهو چئجي ته گذريل سال عائزا خان پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪندڙ اداڪارا رهي ته غلط نه هوندو. هن 2019ع ۾ ڪيترن ئي وڏن پراجيڪٽس ۾ ڪم ڪيو جڏهن ته ذاتي زندگي ۾ به مطمئن ۽ خوش نظر آئي. اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به 2019جون يادگار تصويرون شيئر ڪيون جڏهن ته هن اهو به ٻڌايو ته هي سال سندس زندگي لاءِ نهايت ڪامياب ثابت ٿيو. پنهنجي فوٽو سيريز جي شروعات اداڪارا 2019ع ۾ پنهنجي 28هين سالگرهه سان ڪئي جنهن سان گڏوگڏ هن ٻڌايو ته هو مداحن سان ڪجهه خاص يادون شيئر ڪري رهي آهي. هن پنهنجي مڙس اداڪار دانش تيمور جي 36هين سالگرهه جون تصويرون شيئر ڪيون. اداڪارا ٻڌايو ته هو الڪرم برينڊ اسٽوڊيو جي برينڊ ايمبيسيڊر به بڻي. اداڪارا 2019ع جي پهرئين ڊرامي ياريان جون جهلڪيون به شيئر ڪيون. عائزا پنهنجي ڌيءُ حورين جي سالگرهه جون تصويرون به پوسٽ ڪيون. عائزا خان عيد الفطر تي ورتل تصويرن کي پڻ مداحن سان شيئر ڪيو. اداڪارا 2019ع ۾ ٿوڙا سا حق نالي ڊرامي ۾ به ڪم ڪندي نظر آئي جنهن جون جهلڪيون پڻ هن شيئر ڪيون. هن مداحن کي ٻڌايو ته گذريل سال هن نئون گهر به خريد ڪيو. پنهنجي سڀ کان مقبول ڪردار مهوش جو به اداڪارا ذڪر ڪيو ۽ وڊيوز شيئر ڪيون. هن اهو به ٻڌايو ته هن سال هن حج جي سعادت به حاصل ڪئي. عائزا خان لکيو ته مان هن سال گهڻو ڪجهه ڪيو، زال، ماءُ ۽ اداڪارا جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، مان رڳو الله جو شڪر ادا ڪرڻ چاهيان ٿي، هن سال اميدن جي ابتڙ واقعا منهنجي حق ۾ بهتر ثابت ٿيا. هن لکيو ته ڪڏهن ائين لڳندو هو ته بي وس آهيان پر هر ڀيري خدا منهنجي مدد ڪئي ۽ مونکي واپس پيرن تي بيهاريو، مونکي هميشه بهترين موٽ ملي آهي. مون کي خبر ناهي ته نئين سال ۾ڇا ٿيندو، پر حج ڪرڻ کانپوءِ خدا تي منهنجي ايمان مونکي يقين ڏياريو آهي ته کڻي جيڪو ڪجهه به ٿئي ان جو انجام منهنجي حق ۾ بهتر ئي ثابت ٿيندو. اداڪارا لکيو ته هو نئين سال ۽ نئين ڏهاڪي لاءِ تيار آهي.

Bookmark the permalink.