تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

امريڪي رياست اوريگن ۾ دوزخ جا منظر، ٻن هفتن کان ڀڙڪيل خطرناڪ باهه هزارين گهر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا

اوريگن رياست جي گورنر جي سفارش تي ٽرمپ سرڪار باهه جي هاڃن کي ڊزاسٽر قرار ڏئي ڇڏيو

جهازن ۽ هيليڪاپٽرز ذريعي جديد مشينري سان باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري

نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) امريڪي رياست اوريگن ۾ دوزخ جا منظر، ٻن هفتن کان ڀڙڪيل خطرناڪ باهه هزارين گهر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا، عورتن سوڌو 34 ڄڻا سڙي فوت، اوريگن رياست جي گورنر جي سفارش تي ٽرمپ سرڪار باهه جي هاڃن کي ڊزاسٽر قرار ڏئي ڇڏيو، امريڪي ميڊيا جي رپورٽس موجب باهه 45 لک ايڪڙ ايراضي کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو، جهازن ۽ هيليڪاپٽرز ذريعي جديد مشينري سان باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري، امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ آگسٽ مهيني دوران خطرناڪ باهه ڀڙڪي پئي هئي، اُنهي باهه 2 هفتا اڳ واشنگٽن ۽ اوريگن رياست جي ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.