تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

امريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال: سانا جو 36هون ڪنوينشن ملتوي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) امريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب سانا طرفان ڪوٺايل ڪنوينشن ملتوي ٿي ويو آهي. دُنيا جي ٻين ملڪن جيان امريڪا ۾ به ڪورونا وائرس پکڙجڻ واري صورتحال خراب ٿي رهي آهي ۽ نيويارڪ رياست کي ڪورونا وائرس جي بحران جو مرڪز قرار ڏنو ويو آهي. ڪورونا وائرس جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سانا طرفان 36هون ساليانو ڪنوينشن ملتوي ڪيو ويو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته امريڪا ۾ ڪنوينشن ٻيهر ڪرائڻ جي حوالي سان مئي مهيني جي آخري هفتي ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.