تازا ترين
  • *وڏو وزير سيد مراد علي شاهه رين ايمرجنسي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد پهچي ويو *وڏو وزير ڪمشنر ۽ ڊي سيز سميت ٻين عملدارن سان گڏجاڻي ڪندو *وڏو وزير تلسي داس پمپنگ اسٽيشن، سحرش نگر ۽ لطيف آباد ۾ برساتي نالن جو دورو ڪندو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ امريڪي عورت سنٿيارچي کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ پ پ جي درخواست تي ٻڌڻي *عدالت گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ٻيهر آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي *عدالت پاران گهرو وزارت کي درخواست تي ٽن هفتن ۾ فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم *
  • *مورو۾ بجلي جي تارن ۾وچڙي فوت ٿيل پورهيت جي وارثن ۽ شهرين جي علامتي بک هڙتال *بک هڙتالي ڪيمپ تي مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست جماعتن جا اڳواڻ به شريڪ *3مھينا گذرڻ باوجود گل حسن عرف ڏاڏو چوھاڻ جي وارثن کي انصاف ناهي ملي سگهيو: مظاهرين *
  • *ڪنري: رولو ڪتن وڌيڪ ٽن ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، تعلقا اسپتال منتقل *رولو ڪتن نوجوان دودي، گل محمد ۽ شير علي کي ڏاڙھي زخمي ڪيو *ھڪ مھيني دوران رولو ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن جو انگ 50ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال عملي جي لاپرواهي سبب عورت رڪشا ۾ ٻارڙي کي جنم ڏئي ڇڏيو *شورا ڳوٺ واسڻ عورت جا وارث مدد لاءِ ليبر وارڊ سامهون عملي کي سڏيندا رهيا پر ڪنهن مدد نه ڪئي*
  • *چونڊڪو: ڳوٺ محمود چانڊيو ۾ ٻن ورهين جي نينگر محرم چانڊيو کي پوليو جو شڪ ظاهر *گذريل هڪ مهيني کان پٽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي: غلام اڪبر چانڊيو *سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽرن پوليو جو شڪ ڏيکاريو آهي: غلام اڪبر چانڊيو*
  • *ڪنڊيارو: ڏيڍ مهينو اڳ اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري وارو مامرو*نوشھروفيروز جي عدالت پاران نينگري جي عمر جي تصديق لاءِ ٽي او تعليم ڪنڊيارو ڏانهن ليٽر جاري *نينگري جي عمر وارو سرٽيفيڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي: حڪم *
  • *گهوٽڪي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ٿيل جروار واسي جو ڪراچي جي اسپتال ۾ آپريشن *ڊاڪٽرن عبدالرحيم گبول جو آپريشن ڪري سندس گوڏي وٽان ڄنگهه ڪٽي ڇڏي *گهوٽڪي پوليس ظلم ڪيو آهي، عدالت جو در کڙڪائينداسين: نوجوان جا وارث*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ442 ٿي ويو *109ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا، 7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي: ڊي ايڇ او *
  • *ڪراچي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ پاران ٻيڙين تي چڙهي ريلي *ريلي ۾ حليم عادل شيخ، حنيد لاکاڻي، شاهنواز جدون ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ *گجرات جو ڪاسائي ڪشميري مسلمانن جو جاني دشمن بڻجي چڪو آهي: حليم عادل شيخ *پاڪ فوج جون قربانيون لازوال آهن، سڀاڻي ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪيو ويندو: حليم عادل شيخ*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پاران سينٽرل پوليس آفيس ۾ يادگار شهداءَ تي حاضري *اسان پوليس جي شهيد جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا: آءِ جي سنڌ مشتاق مهر *اسان شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان گڏ آهيون، کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو: آءِ جي سنڌ *
  • *ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين جو ڌرڻو، نعريبازي *شهرين مانجهند جي شاهي بازار مان احتجاجي ريلي ڪڍي مين چونڪ تي ڌرڻو هنيو *اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ سبب سخت عذاب ۾ مبتلا آهيون، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *ڪرمپور : انڊس هاءِ وي تي منگي لاڙي وٽ خوفناڪ حادثو، زال مڙس فوت *ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيارو جعفري ۽ سندس زال مارئي فوت*
  • *وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ رين ايمرجنسي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد پهچندو *وڏي وزير جي حيدرآباد پهچڻ کان اڳ ئي تلسي داس پمپنگ اسٽيشن ٻاهران صفائي شروع *وڏو وزير ڪمشنر ۽ ڊي سيز سميت ٻين عملدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي اڄ عدالت ۾ پيشي *احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، خورشيد شاهه کي سخت سيڪيورٽي ۾ پيش ڪيو ويندو *خورشيد شاهه کانسواءِ ضمانت تي آزاد جوابدار به احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندا *

امريڪا ۾ پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل کي جوائنٽ وينچر تحت هلائڻ وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) زلفي بخاري فرنٽ مين ذريعي ڀڳڙن مُٺ تي روز ويلٽ هوٽل خريد ڪرڻ گهري ٿو، امريڪا ۾ پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل کي جوائنٽ وينچر تحت هلائڻ وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج، وڪيل شريف صابر طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي کاتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته هر دور ۾ روزويلٽ هوٽل کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، عدالت کي روزويلٽ هوٽل جي نجڪاري يا جوائنٽ وينچر تحت هلائڻ کان روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.