تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

امجد صابري قتل ڪيس: جوابدار کي ڪاغذ ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ قوال امجد صابري قتل ڪيس ۾ ملٽري ڪورٽ مان سزا آيل عاصم ڪيپري جي درخواست تي وڪيل کي ملٽري ڪورٽ جا دستاويز حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته دستاويزن جي حاصلات لاءِ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي درخواست ڏيو. ٻڌڻي دوران نديم خان ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته اخبارن ذريعي خبر پئي ته عاصم ڪيپري کي امجد صابري قتل ڪيس ۾ ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، سزا خلاف اپيل ۽ ڪورٽ جي حدن جي تعين لاءِ ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي. جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇاڻو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪڏهن ٿيندي؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ تاريخ جو اندازو ناهي پر دستاويز فراهم نه پيا ڪيا وڃن، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.