تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

امتحان نه وٺو : ڪراچي ورسٽي جي شاگردن جو ڌرڻو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهائي جي پهرين ڏينهن تي سوين شاگردن جو ڌرڻو، نعريبازي، امتحان نه وٺڻ جو مطالبو، لاڪ ڊائون کانپوءِ ٻين تعليمي ادارن جيان ڪراچي يونيورسٽي به ڪالهه کلي وئي، ڪالهه پهرين ڏينهن تي سوين شاگردن ايڊمنسٽريشن بلاڪ آڏو ڌرڻو هنيو، شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون دوران آن لائين ڪلاسن ۾ رڳو اسائنمينٽون ڏنيون ويون آهن، پڙهايو ناهي ويو. هنن چيو ته جڏهن استادن ڪجهه پڙهايو ئي ناهي ته امتحان ڇا جا ورتا پيا وڃن؟ ڪلاس آن لائين هلايا ويا ته پوءِ امتحان به آن لائين ورتا وڃن. شاگردياڻين چيو ته هاسٽلون بند هجڻ سبب پڙهائي سخت متاثر ٿيندي، انڪري هاسٽلون کوليون وڃن ، اسانکي آن لائين ڪلاسز جي بنياد تي پروموٽ ڪيو وڃي

Bookmark the permalink.