تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اليڪشن ڪميشن وفاقي سرڪار کي آدم شماري جا نتيجا جلد جاري ڪري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو: چيف اليڪشن ڪميشنر جي صدارت ۾ اهم اجلاس

اليڪشن ڪميشن جي اجلاس دوران سنڌ ۾ تڪبندين آڏو پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو ورتو ويو

سنڌ ۾ تڪبندين لاءِ2017 جي آدمشماري جي انگن اکرن جي اهم ضرورت آهي:اليڪشن ڪميشن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن وفاقي سرڪار کي آدم شماري جا نتيجا جلد جاري ڪري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پارلياماني مامرن ۽ قانون واري وزارت سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو. چيف الڪيشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ حڪومت، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي پٽيشنز تي تي غور ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي اجلاس دوران سنڌ ۾ تڪبندين آڏو پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو ورتو ويو. اليڪشن ڪميشن وفاقي سرڪار کي آدم شماري جا نتيجا جلد جاري ڪري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ تڪبندين لاءِ 2017 جي آدمشماري جي انگن اکرن جي اهم ضرورت آهي. اليڪشن ڪميشن پارلياماني مامرن ۽ قانون واري وزارت سان پڻ رابطي جو فيصلو ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته بلدياتي ادارن جو مُدو پورو ٿيڻ بعد آئيني ذميواريون پوريون ڪندي تڪبندين جو شيڊول جاري ڪيو. پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جو موقف آهي ته آدم شماري جا حتمي نتيجا جاري ٿيڻ بعد تڪ بنديون ڪرائي سگهجن ٿيون.

Bookmark the permalink.