تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

اقبال زيڊ سميت 6 ڄڻن جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ڄامشورو ۾ جي خانگي ڪمپني ۾ مبينا طور ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ريفرنس ۾ نامزد جوابدار اقبال زيد احمد سميت ريفرنس ۾ نامزد 6 جوابدارن جي ضمانتن واري درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نيب جو وڪيل پيش ٿيو. اقبال زيد احمد جي وڪيل دليل ڏنا ته نيب ريفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي. اقبال زيد احمد نه ڪا ڪرپشن ڪئي آهي ۽ نه ئي هن مني لانڊرنگ ڪئي. هن رڳو ٽيڪس جي مد ۾ وڌيڪ رقم ڏني آهي، تنهن تي نيب پاران ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيب جي ترميم آرڊيننس بعد اقبال زيد احمد جي خلاف نيب ڪيس ٺهي نٿو سگهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد نيب ريفرنس ۾ نامزد اقبال زيڊ احمد سميت 6 جوابدارن جي درخواستن تي ٻڌڻي 31 مارچ تائين ملتوي ڪندي حڪم ڏنو ته ريفرنس کان بچڻ لاءِ ضمانتون ڪرائيندڙن جو ڪيس 21 اپريل تي ٻڌو ويندو. ٻڌڻي بعد اقبال زيد احمد جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته 16 درخواستن مان عدالت 10 درخواستن کي الڳ ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اقبال زيڊ احمد هن وقت نيب جي تحويل ۾ آهي. هن چيو ته 38 بلين جو وڪرو ڪيو ويو هو جنهن جو ٽيڪس به انهن ادا ڪيو. ان لاءِ نيب چيئرمين کي اپيل آهي ته هو هن ڪيس کي هر رخ کان ڏسي.

Bookmark the permalink.