تازا ترين
  • *تنگواڻي ۾ باگڙي برادري جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ٻيو سامان سڙي رک*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*

اغوا نه ٿيو آهيان، خوف کان ڪراچي هليو ويو هئس: هفتي کان اغوا ڄاڻايل نوجوان گهر پهچي ويو، وارث کيس ٿاڻي تي وٺي آيا

نوجوان آصف خواجا جي اغوا جو ڪيس 7 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو هو

اغوا جو ڊرامو ڪري اسان جي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو: عمران خاصخيلي

ٽنڊوالهيار)رپورٽر( هڪ هفتي کان اغوا ڄاڻايل نوجوان گهر پهچي ويو، وارث نوجوان کي ٿاڻي تي وٺي آيا، ڪيس ڪوڙو قرار، متاثر ڌر پاران انصاف جو مطالبو، مٺن شاهه پاڙي مان پسند جو پرڻي لاءِ نڪري ويل نوجوان فرحان قريشي جي دوست آصف خواجا اوچتو گم ٿي ويو هو، جنهن جي ڀاءُ اي سيڪشن ٿاڻي تي پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل ناري جي وارثن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، پر رات اغوا ڄاڻايل نوجوان گهر پهتو ته کيس ڀاءُ اعظم خواجا ٿاڻي تي وٺي آيو، جتي هن بيان ڏنو ته هو ناري جي وارثن جي خوف کان ڪراچي ڀڄي ويو هو، سندس اهڙي بيان بعد خاصخيلي برادري جي ماڻهن خلاف داخل ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد گرفتاريون به ڪيون ويون هيون، ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل عمران خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سڌو سنئون اغوا جو ڊرامو رچايو وئي اسان جي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.