تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

اعجاز جکراڻي ۽ هڪ عورت سوڌو 5 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل

نيب سکر آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس داخل ڪيو: عباس جکراڻي ۽ رزاق بهراڻي به جوابدار نامزد

سکر (بيورو رپورٽ) نيب صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو آهي. نيب سکر طرفان صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سوڌو 5 جوابدارن خلاف 80 ڪروڙ رُپين جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو ضمني ريفرنس احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين عباس جکراڻي، ٺيڪيدار عبدالرزاق بهراڻي، ظهير عيساڻي ۽ هڪ عورت کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.
نيب جو چوڻ آهي ته اعجاز جکراڻي ايم اين اي ٿيڻ کانپوءِ 150 ايڪڙ زمين خريد ڪئي، جڏهن ته 500 ملين رُپين جي غيرقانوني طريقي سان بئنڪنگ ٽرانزيڪشن پڻ ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.